Johi city

جوهي: جوهي ۾ پي ٽي آءِ جي لياقت جتوئي جي اڳواڻي ۾ ڪاڇي جا روڊ رستا نه ٺهڻ ۽ تيل ڪمپنين جي فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف سوين ماڻهن جي ريلي، پي ڊي ايم وارا پاڻ ۾ ئي نٿا ٺهن، وزيراعظم جلد دادو ايندو، جنهن کان جوهي جي عوام لاءِ پئڪيج وٺندس،پ پ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي سڄي سنڌ کي تباهه ڪيو آهي، مزدور، هاري ۽ مونسان گڏ آهن، ڪروڙين ڪرپشن ڪندڙ جوهي جي چونڊيل نمائيندن کان پائي پائي جو حساب وٺنداسين.لياقت جتوئي جو خطاب. ڪاڇي جي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ، روڊ رستا نه ٺهڻ، جوهي جي بنيادي مسئلن ۽ تيل ڪمپنين جي فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف جوهي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ جي  اڳوڻي وڏي وزير لياقت جتوئي، ڪريم جتوئي، عاشق زئونر، امداد لغاري، امين وگهيو، منظور ٻٻر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ شريڪ سوين ماڻهو ايريگيشن گرائونڊ کان ڊاڪٽر منظور چونڪ پهتا. ان موقعي تي خطاب ڪندي لياقت علي جتوئي چيو ته پي ڊي ايم وارا پاڻ ۾ ئي نٿا ٺهن، اهي  ملڪ جي ڇا خدمت ڪندا. هن چيو ته  وزيراعظم جلد دادو ايندو، جنهن کان جوهي جي عوام لاءِ پئڪيج وٺندس. هن چيو ته پ پ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي سڄي سنڌ کي تباهه ڪيو آهي، مزدور، هاري ۽ نوجوان مونسان گڏ آهن. لياقت جتوئي چيو ته ڪاڇي جي ٻوڏ متاثر مسڪين ماڻهن جي پ پ وارن ڪا به واهر نه ڪئي،اڃا تائين روڊ ٽٽل آهن. هن چيو ته جوهي واسين کي گئس، پاڻي ۽ صفائي سميت بنيادي ضرورتن کان محروم ڪري  ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ڪندڙ جوهي جي چونڊيل نمائيندن کان پائي پائي جو حساب وٺنداسين.ريلي کي ڪريم جتوئي، عاشق زئونر، امداد لغاري، امين وگهيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

Enjoyed this article? Stay informed by joining our newsletter!

Comments

You must be logged in to post a comment.

About Author